ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايف آءِ اي جي ڪمرشل بينڪنگ سرڪل جي ٽيم گلشن اقبال ۾ ڪارروائي ڪري 2 جوابدارن محمد ثاقب ۽ عامر حسين کي گرفتار ڪري 10 هزار آمريڪي ڊالر۽ 19 لک 50 هزار هٿ ڪري ورتا ، جوابدار لائسنس کانسواءِ غيرملڪي ڪرنسي جي ڪاروبار  ڪندا هئا، سندن موبائل فونن  مان هواله هنڊي ۽ غيرقانوني ڪرنسي ايڪسچينج بابت پيغام پڻ هٿ ڪيا ويا آهن، جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي