نيويارڪ(م ڊ) صحت جي عالمي اداري ٽن سالن کانپوءِ ڪورونا وبا جي حوالي سان لاڳو عالمي ايمرجنسي جي حيثيت ختم ڪري ڇڏي. ڊبليو ايڇ او جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر ٽيڊروس ايڊهانوم پريس ڪانفرنس دوران چيو ته هڪ سال کان وڌيڪ عرصي کان ڪورونا وبا جي شدت ۾ گهٽتائي جو رجحان نظر اچي رهيو هو. هن ٻڌايو ته عالمي سطح تي ويڪسينيشن ۽ ماڻهن ۾ بيماري خلاف مدافعتي قوت وڌي، جڏهن ته موت جي شرح گهٽجي وئي ۽ طبي نظام تي دٻاءُ به گهٽيو. سندس چوڻ هو ان صورتحال کي ڏسندي اعلان ڪري رهيا آهيون ته هاڻ ڪووڊ 19 جي عالمي ايمرجنسي ناهي رهي. واضح رهي ته ڊبليو ايڇ او 30 جنوري 2020 ۾ ڪورونا وبا جي صورتحال کي ڏسندي عالمي ايمرجنسي جو اعلان ڪيو هو.