ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار ڪراچي سميت سموري صوبي ۾ ميٽرڪ جاساليانا امتحان 8 مئي کان وٺڻ جواعلان ڪري ڇڏيو آھي. ان ڏس ۾ يونيورسٽيز اينڊ بورڊن واري وزير اسماعيل راھو چيو آهي ته اهي امتحان 8 مئي کان  ٻن شفٽن ۾ ورتا ويندا، جن ۾ 7 لک کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگرد ياڻيون حصو وٺنديون. ڪراچي ۾ 400 ۽ حيدرآباد ۾ 25 امتحاني مرڪز حساس آهن، هن حيسڪو، سيپڪو  ۽ ڪي اليڪٽرڪ کان مطالبو ڪيو ته امتحاني وقت لوڊشيڊنگ نه ڪئي وڃي، هن چيو ته امتحاني سينٽرن جا انچارج پيپرن دوران شاگردن کي ٿڌو پاڻي فراهم ڪندا. هن چيو ته ڪاپي ڪلچرروڪڻ لاءِ ويجيلنس ٽيمون جوڙيون ويون آهن، جڏهن ته امتحاني مرڪزن ۾ استادن ۽ شاگردن جي موبائل فون جي استعمال تي پابندي هوندي. ڪاپي ڪندڙ شاگردن کي فيل ڪيو ويندو. هن چيو ته قلم 144 لاڳو ڪري امتحاني مرڪزن اندر ۽ ٻاهر سڪيورٽي سخت ڪئي ويندي،