ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ شهدادڪوٽ واسي برسات متاثر ناري گھران نڪري وئي، وارثن طرفان اغوا جو الزام،خيرمحمد ڪوري 15 ڏينهن اڳ شهدادڪوٽ مان بلال ڪالوني پهتو هو، سندس 18 ورهين جي ڌيءَ گھران نڪري وئي، خيرمحمد ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ٿاڻي تي اغوا جو ڪيس داخل ڪرائي ڄاڻايو ته منهنجي ڌيءَ پنهنجي ساهيڙي مريال سان ملڻ وئي هئي  اسان کي شڪ آهي ته منهنجي ڌيءَ کي سندس ساهيڙي مريال،سندس والد ۽ هڪ نامعلوم شخص اغوا ڪيو آهي .