مٽياري\موسا کٽياڻ (نمائندن وٽآن) مٽياري جي ڳوٺ موسا کٽياڻ واسي نوجوان محمد عثمان ولد امني خاصخيلي پراسرار نموني گم ٿي ويو، وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر، ان ڏس ۾  نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته نوجوان گھران فجر نماز ادا ڪرڻ لاءِ  نڪتو، جيڪو مسجد به نه پهتو ۽ ڪالھه کان لاپتا آھي، هنن چيو ته  شاهپور درپور ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آهي، نوجوان جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.