نيوسعيدآباد (ن پ ا) نيوسعيدآباد ويجھو ڳوٺ خان محمد اڄڻ جي رھواسڻ 30 ورهين جي   نادرا زال تعمير حسين اڄڻ گھرو اڻبڻت تان  جيت مار دوا پي ڇڏي، جنهن کي وارثن پاران تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ناري دم ڏئي ڇڏيو، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.