ڪرونڊي (ن پ ا) ڪرونڊيءَ لڳ تيز رفتار ڪار جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، نوجوان فوت ٿي ويو. مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي بالادي اسٽاپ ڀرسان  تيز رفتار ڪوچ جي ٽڪر ۾ ڳوٺ آندل خاصخيلي واسي نوجوان عابد خاصخيلي پٽ غلام سرور خاصخيلي فوت ٿي ويو. پوليس ڊرائيور کي حراست ۾ وٺي ڪار کي ٿاڻي تي بيهاريو ڇڏيو آهي. جڏهن ته فوتيءَ جو  لاش ضروري ڪارروائيءَ لاءِ  پڪاچانگ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارث کڻائي ڳوٺ روانا ٿي ويا. ٻڌايو پيو وڃي ته فوتي نوجوان اڪري ڀرسان ڳوٺ آندل خاصخيلي جو رهواسي هو جيڪو ڪنهن ڪم سانگي ڪرونڊي آيل هو، واپس ويندي حادثي جو شڪار ٿي ويو.