ملير(رپورٽر) گڏاپ ٽائون يوسي 4 گلشن حديد تي پيپلز پارٽي جي رائو صفدر حيات ۽ وائيس چيئرمين تي هارايل اميدوار مير عباس ٽالپر پاران ڇهن پولنگن تي ٻيهر ڳڻپ لاءِ اليڪشن ڪميشن ملير ۾ داخل ٻيهر ڳڻپ جي نتيجي ۾ پيپلز پارٽي جا اميدوار رائو صفدر حيات ۽ مير عباس ٽالپر 116 ووٽن تان ڪامياب ٿي ويا جڏهن ته ان کان اڳ جماعت اسلامي جا اميدوار چيئرمين جاويد اقبال، وائيس چيئرمين ملڪ محمد خان اڳ ۾ 160 وڌيڪ ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنا ويا هئا، اڄ ٻيهر ڳڻپ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن ملير پيپلز پارٽي جي کٽيل اميدوارن جو نوٽيفيڪشن جاري ٿي ويو آهي، هوڏانهن ميڊيا سان ڳالهائيندي جماعت اسلامي جي هارايل اميدوارن چيو ته ٻيهر ڳڻپ ۾ اسان سان ڌاندلي ڪري اسان کي هارايو ويو آهي پر اسان خاموش نه ويهنداسين ٻيهر الڪيشن ۽ عدالتن ۾ وينداسين ڪنهن به صورت خاموش نه ويهنداسين، پيپلز پارٽي جي کٽيل چيئرمين رائو صفدر حيات، وائس چيئرمين مير عباس ٽالپر چيو ته يوسي گلشن حديد پهرين به پيپلز پارٽي کٽي هئي هن اليڪشن ۾ به اسان يوسي کٽي آهي جماعت اسلامي وارا اجائي واويلا ڪري رهيا آهن اسان جي ڪاميابي گلشن حديد جي عوام جي ڪاميابي آهي پيپلز پارٽي گلشن حديد ۾ تاريخي ڪم ڪرايا آهن ان ڪري عوام اسان کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو پر جماعت اسلامي ڌاندلي ڪري اسان کي  هارائڻ چاهيو ٿي مگر فتح حق سچ جي ٿي.