ننگرپارڪر (ن پ ا) ننگرپارڪر لڳ ڏانوڌاندل، ساهو ساند ۽ آسپاس جي علائقن ۾ گجگوڙ سان هلڪي برسات پئي، ننگرپارڪر مان گھر موٽندڙ ڳوٺ سورا چند واسي ٻن شاگردن سروڻ ۽ ھري سنگھه ڪولھي مٿان کنوڻ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ هو بيھوش ٿي ويا، شاگردن کي علاج لاءِ ننگرپارڪر اسپتال داخل ڪيو ويو، جتي طبي امداد ڏئي هوش ۾ آندو ويو، ٻئي پاسي کنوڻ ڪرڻ سبب ڳوٺ ساھو ساند واسي گلشير ساند جو اٺ مري ويو.