خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ ڳوٺ جان محمد لاشاري جي رهواسڻ 6 سالا نينگري زويا ڌيءَ عبدالرحمان لاشاري ساهه جي تڪليف سبب نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي، وارثن طرفان ڊاڪٽر تي غفلت جو الزام. خبر موجب خيرپور ۾ ڳوٺ جان محمد لاشاري جي رهواسڻ 6 سالا نينگري زويا ڌيءَ عبدالرحمان لاشاري ساهه جي تڪليف سبب نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي. ٻئي پاسي فوتي نينگري جي وارثن طرفان ڊاڪٽر خلاف غفلت جو الزام مڙهيندي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. وارثن موجب اسان ڊاڪٽر مختيار ڪلهوڙو جي خانگي سينٽر ۾ معصوم نينگري کي ساهه جي تڪليف سبب داخل ڪرايو کيس گهربل سهولتون نه ڏنيون ويون جنهن ڪري هو تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي. هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته ڊاڪٽر مختيار ڪلهوڙو خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سندس خلاف احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.