اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي، اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ ۽ علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ لاهور کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت نجي شعبي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن لاءِ ڪاميٽي به قائم ڪئي وئي آهي. تفصيل موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ هوابازي وزارت ۽ پي آءِ اي جي مامرن تي غور ڪيو ويو، پڌرائي موجب وزيراعظم ابتدائي طور تي ملڪ جي ٽن وڏن ايئرپورٽن کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت هلائڻ لاءِ آئوٽ سورس يا نجي شعبي حوالي ڪرڻ جو عمل شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، انهن ايئرپورٽن ۾ جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي، اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ ۽ علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ لاهور شامل آهن،  جن کي 20 کان 25 سالن جي مدت لاءِ انٽرنيشنل آپريٽرز جي حوالي ڪرڻ جي تجويز تيار ڪئي وئي آهي، ورلڊ بينڪ جي زير انتظام آءِ ايف سي جي به معاونت حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ورلڊ بينڪ جو ذيلي ادارو انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن (آءِ ايف سي) ان حوالي سان ڪنسلٽنسي جا فرض سرانجام ڏيندو، اجلاس ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي کي ضابطي جي ڪارروائي جي شروعات ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته ان تمام عمل ۾ شفافيت جو خاص خيال رکيو وڃي،  اجلاس کي ايئرپورٽن کي نجي شعبي حوالي ڪرڻ بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته دنيا ۾ هوائي اڏن جي آئوٽ سورسنگ معمول جو منافعي بخش عمل آهي، هوائي اڏن جي آئوٽ سورسنگ سان نه رڳو حڪومت کي منافعو ملندو پر ايئرپورٽن تي مسافرن کي عالمي سطح جون سهولتون به ملنديون، دنيا جي 44 ملڪن ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي اهڙي فارمولي تي عمل ٿي رهيو آهي، انهن ملڪن ۾ آمريڪا، برطانيا، ڀارت، بحرين، برازيل به شامل آهن، وزيراعظم ايئرپورٽن کي آئوٽ سورسنگ ڪرڻ واري عمل کي موثر ۽ ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ لاءِ خصوصي ڪاميٽي ٺاهڻ جي به هدايت ڪئي، جنهن جي صدارت وزيراعظم پاڻ ڪندو، ان ڪاميٽي ۾ هوابازي جو وفاقي وزير خواجا سعد رفيق، رٿابندي جو وفاقي وزير احسن اقبال، قانون جو وزير اعظم نذير تارڙ، هوا بازي وزارت ۽ رٿابندي وزارت جا وفاقي سيڪريٽري ان ڪاميٽي ۾ شامل هوندا، اجلاس کي پي آءِ اي جي ڪارڪردگي جي حوالي سان بريفنگ به ڏيندي ٻڌايو ويو ته پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائين سال 2022ع دوران 172 ارب رپين جو روينيو حاصل ڪيو ، جيڪو پي آءِ اي جي تاريخ جو  هن وقت تائين  سڀ کان وڌيڪ حاصل ڪيل روينيو آهي، پي آءِ اي جي جهازن ۾ 4 اي 320 جهاز شامل ڪيا ويا آهن، اجلاس ۾ ناڻي وزير اسحاق ڊار، هوابازي جو وفاقي وزير خواجا سعد رفيق، بچاءَ جو وزير خواجا آصف، قانون جو وزير اعظم نذير تارڙ، خاص معاون جهانزيب خان ۽ ٻيا شريڪ هئا.