ڪراچي (نمائندن وٽان + م ڊ) شماريات کاتي مُلڪ ۾ اٽي جَي اگهن ۾ واڌ بابت انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا، شماريات کاتي موجب ملڪ ۾ اَٽي جَي في ڪلو جو اگهه 130 رپين تائين پهچي ويو، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 26 سئو  رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي، ڪوئيٽا ۾ 20 ڪلو اَٽي جو ٿيلهو 2 هزار 560 رپين ۽ پشاور ۾ 24 سئو روپين ۾ وڪرو ٿيڻ لڳو، لاڙڪاڻو، بنون ۽ خضدار ۾ اٽي جي 20 ڪلو وارَي ٿيلهَي جو اگهه 24 سئو رپيا رڪارڊ ڪيو ويو، شماريات کاتي جي انگن اکرن موجب راولپنڊي، اسلام آباد، لاهور، ملتان، بهاولپور، گوجرانوالا، سيالڪوٽ ۽ فيصل آباد ۾ اٽي جَي 20 ڪلو وارَي ٿيلهَي جو اگهه هڪ هزار 295 رپيا هلي رهيو آهي، ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ  اٽَي جو اگهه ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ رڪارڊ ڪيو ويو.