ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستاني شهرين جي پرڏيهي ملڪيتن تي ڪيپيٽل گين ٽيڪس خلاف 172 درخواستون رد، سنڌ هاءِ ڪورٽ فيصلو ٻڌائيندي چيو ته مالياتي قانون 2022ع  هيٺ  پرڏيهه ۾ موجود ملڪيت تي  ڪيپيٽل ويليو ٽيڪس لاڳو ٿيندو، ٻڌڻي دوران درخواست گذارن جي وڪيل چيو ته وفاقي حڪومت فنانس ايڪٽ 2002 ع جي سيڪشن 8 تحت پاڪستاني شهرين جي متحرڪ ملڪيت تي ڪيپيٽل گين ٽيڪس لاڳو ڪيو هو، جڏهن ته ارڙهين ترميم کانپوءِ پارليامينٽ جون حدون صرف وفاق تائين محدود ٿي ويون آهن، وفاقي حڪومت رڳو راڄڌاني جي حدن اندر فيصلا ڪري سگهي ٿي، جنهن تي سرڪاري وڪيل ڊاڪٽر شاهنواز چيو ته ڪيترن ئي پاڪستاني شهرين، واپارين ۽ سياستدانن جون پرڏيهه ۾ پڻ ملڪيتون آهن، عالمي مالياتي ادارن نشاندهي ڪئي آهي ته اهي پاڪستان مان پرڏيهي مٽاسٽا جا وسيلا استعمال ڪري رهيا آهن، هن چيو ته جيڪو پاڪستاني شهري ملڪ ۾ رهي ٿو، انهي جي پرڏيهه ۾ ملڪيت ڇو آهي؟ حڪومت اوورسيز پراپرٽي تي 5 سيڪڙو ٽيڪس لڳايو هو، عدالت دليل ٻڌڻ کانپوءِ پرڏيهي ملڪيتن تي لاڳو ڪيل ڪيپيٽل گين ٽيڪس خلاف پاڪستاني شهرين جون سموريون درخواستون رد ڪري ڇڏيون.