ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ڪتن جو آزار ختم نه ٿيو، مختلف شهرن ۾ وڌيڪ 12 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رولو ڪتن 7 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمين ۾ عاليه بتول، رجب، شبانا، حضور بخش ۽ نديم شامل آهن، جن کي ويڪسين ڪئي وئي. مسوڀرڳڙي لڳ ڳوٺ محراب باريچو ۾ رولو ڪتن 10 ورھين جي ربڏنو ولد ڇٽو باريچو کي ڏاڙھي سخت زخمي ڪري ڇڏيو. ڊکڻ شهر ۾ معصوم نينگر سمير عباس ميمڻ کي رولو ڪتن چڪي زخمي ڪري وڌو، مٺياڻي ۽ ڀرپاسي رولو ڪتن معصوم نينگري سميت 3 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو، زخمين ۾ دعا سومرو، ياسين چانڊيو ۽ طارق چوهاڻ شامل آهن.