جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد لڳ زھريلو کاڌو کائڻ سبب ھڪ ئي خاندان جون 2 عورتون ۽ 6 ٻار بيھوش، اسپتال منتقل، خبر موجب ڳوٺ عارب ماڇي ۾ زھريلو کاڌو کائڻ سبب ھڪ ئي خاندان جي ٻن عورتن ۽ 6 ٻارڙن جي طبيعت خراب ٿي وئي ۽ بيھوش ٿي ويا، جن کي سول اسپتال آڻي طبي امداد ڏني وئي، بيھوش ٿيلن ۾ صدام علي، حبيبان، نوابي، عثمان، ھدايتان، صاحبه ۽ ٻيا شامل آهن. وارثن موجب گهر ۾ ڏھي کائڻ سبب عورتون ۽ ٻارڙا بيھوش ٿي ويا.