ڳڙهي خيرو (ن پ ا) ڳڙهي خيرو ۾ ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي ڪارروائي لاءِ پھتل پوليس اھلڪار ۽ ھوٽل مالڪ ۾ جهيڙو، هوٽل مالڪ اهلڪار کي چماٽ وهائي ڪڍي، خبر موجب ڳڙهي خيرو ٿاڻي جا اھلڪار بيگاري پل وٽ ھوٽل کليل ھجڻ جي اطلاع تي بند ڪرائڻ پھتا ته ھوٽل مالڪ عاشق ٻرڙو ۽ پوليس اھلڪار عبدالستار وچ ۾ منھن ماري ٿي پئي، جنهن دوران هوٽل مالڪ پوليس اھلڪار کي چماٽ وهائي ڪڍي، جهيڙي دوران شھرين ۽ اهلڪارن وچ ۾ پئي ٻنھي کي ڇڏائي ورتو. ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او ڳڙهي خيرو پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته ھوٽل مالڪ خلاف ڇا ڪارروائي ڪريان؟ سمورا شھري اچي ٿاڻي تي ويھي رھيا آھن ان ڪري ھوٽل مالڪ کي معاف ڪري ڇڏيو آھي.