ٽنڊوڄام(ن پ ا) سنڌ زرعي يونيورسٽي ڪتن جي پيدواري صلاحيت ختم ڪرڻ جو تجرباتي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، يونيورسٽي جي اينيمل هسبنڊري اينڊ وٽرينري سائنسز فيڪلٽي جي سرجري شعبي ۾ آپريشن شروع ڪيا ويا، فيڪلٽي جي سرجري جي چيئرمين ڊاڪٽر احمد نواز تنيو جي نگراني ۾ ڪتن جي لڳ واري صلاحيت ختم ڪري انهن جي وڌندڙ نسلن کي روڪڻ لاءِ باظابطه تجرباتي ۽ عملي ڪم شروع ڪيو ويو آهي، جنهن سان علائقي کي ڪتي جي ڏاڙهڻ جي واقعن کي روڪي سگهبو، ڊاڪٽر احمد نواز تنيو ۽ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالله آريجو ٻڌايو ته ڪتن مان پيدواري ۽ لڳ جي صلاحيت ختم ڪرڻ وارو ننڍي پئماني تي فني ڪم شروع ڪيو آهي، جنهن سان ڪتن جي واڌ ويجھه بند ٿيندي پر انهن کي مارڻ جي ضرورت نه پوندي، هن تجربي جي ڪاميابي جي مڪمل اميد آهي. ٻئي پاسي ڪتا خصي ڪرڻ لاءِ زرعي يونيورسٽي جي وٽرنري شعبي جي ماهرن سنڌ سرڪار کي سهڪار ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي، ڊاڪٽراحمد نواز ٻڌايو ته ڪتي کي خصي ڪرڻ لاءِ في ڪتي تي ست سو رپيا خرچ ايندو، هن چيو ته ڪتن کي زهر ڏئي مارڻ سان کير پيئاڪ گلر بک مرن ٿا، هن چيو ته ڪتن کي زهر ڏئي يا گولي هڻي مارڻ کان بهتر آهي ته واڌ ويجھ روڪي وڃي، پهرين مرحلي ۾ نر ڪتي کي پکڙي ميلاپ واري سگھ ختم ڪئي ويندي ته جئين ڪتا وڌي نه سگهن، پهرين مرحلي ۾زرعي يونيورسٽي جي رهائشي ڪالوني سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ 100 ڪتن کي خصي ڪرڻ جو ٽارگيٽ آهي، سنڌ سرڪاري کي گهرجي ته سهڪار ڪري.