خانپورمھر (ن پ ا) ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ سکر نيب سکر کي ٽائون ڪاميٽي خانڳڙھ ۾ جعلي ڪلارڪ جي انڪوائري رپورٽ اماڻي ڇڏي، سکر ريجن جي ڊائريڪٽر انور علي رڪ نيب سکر کي ٽائون اميٽي خانڳڙھ ۾ 13 سال کان مقرر جونيئر ڪلارڪ غلام شبير مھربابت انڪوائري بعد ليٽر اماڻي ڇڏيو آھي. ڊائريڪٽر سکر غلام شبير مهر جي آرڊر کي جعلي قرار ڏيندي ڄاڻايو آھي ته ڄاڻايل ملازم ڊي ايم سي ملير ڪراچي مان ٽرانسفر ڪرائي خانڳڙھ مقرر ٿيو، جنھن جي تصديق بابت 2016 ۾ ان وقت جي ٽي ايم او ٻانھو مھر ڊي ايم سي ملير کي ليٽر لکيو، جنھن جي جوابي ليٽر ۾ ڊائريڪٽر ايڊمنسٽريٽر ملير لکيو ته غلام شبير مھر نالي ھنن وٽ ڪو به ملازم ناهي. غلام شبير مھر پاڻ کي تعلقي خانڳڙھ جي يونين ڪائونسل مٺڙي جو ملازم ڄاڻايو ۽ ٽائون ڪاميٽي خانڳڙھ ۾ ٽرانسفر ڄاڻائي، انڪوائري ۾ يوسي مٺڙي جي سيڪريٽرين امان الله قاضي ۽ پرويز ڪلوڙ ڄاڻايل ملازم يوسي مٺڙي جو ملازم ھجڻ جي پڻ ترديد ڪئي ۽ انڪوائري رپورٽ ۾ ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ميرپورماٿيلو جو به ذڪر ٿيل آهي، جنھن ۾ غلام شبير مھر نالي ملازم کي 2009 دوران ميڊيڪل سرٽيفيڪٽ جاري نه ڪيو ھو، انڪوائري رپورٽ ۾ غلام شبير مھر جي غيرقانوني پروموشن جو به ذڪر ڪيو ويو آھي. ڊائريڪٽر سکر پاران ڄاڻايون ويو آھي جعلي آرڊر ذريعي کنيل پگھارون ۽ ٻيون مراعتون واپس ورتيون وينديون. رابطو ڪرڻ تي ڊائريڪٽر سکر ريجن انور علي رڪ ٻڌايو ته محڪماتي انڪوائري ڪري رپورٽ نيب سکر ڏانھن اماڻي ڇڏي آھي.واضح رھي ته ٽائون ڪاميٽي خانڳڙھ ۾ 10 سال دوران ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ۽ جعلي ڀرتين جي جاچ ھلندڙ آھي.