برمنگهم (اسپورٽس نيوز) برمنگهم ۾ جاري ڪامن ويلٿ گيمز 2022ع ۾ شاهه حسين شاهه پاڪستان کي پهريون ميڊل کٽرايو. جوڊوڪا ۾ پاڪستان جي شاهه حسين شاهه پِتل جو ميڊل کٽي ورتو. شاهه حسين شاهه ڏکڻ آفريڪي جوڊوڪا کي هارائي پِتل جو ميڊل پنهنجي نانءِ ڪيو. شاهه حسين شاهه پهريون ڀيرو 90 ڪي جي باوٽ ۾ شرڪت ڪئي. واضح رهي ته شاهه حسين شاهه ٻيو ڀيرو ڪامن ويلٿ گيمز ۾ ميڊل کٽيو آهي. شاهه حسين 2014ع جي مقابلن ۾ چانديءَ جو ميڊل کٽي چڪو آهي. واضح رهي ته نوجوان جوڊوڪا المپڪ ميڊلسٽ باڪسر حسين شاهه جو پٽ آهي.