برمنگهم (اسپورٽس نيوز) ڪامن ويلٿ گيمز وومنز ڪرڪيٽ ۾ ڏکڻ آفريڪا وومنز سريلنڪا کي 10 وڪيٽن تان بدترين شڪست ڏئي ڇڏي. ان سلسلي ۾ سريلنڪا وومينز ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي 17.1 اوورن ۾ رڳو 46 رنز تي پوري ٽيم ڍير ٿي وئي. چماري اتاپتو 15 رنز ٺاهي نمايان رهي، 10 رانديگرياڻيون ڊبل فگر ۾ به داخل نه ٿي سگهيو. ڏکڻ آفريڪا وومنز طرفان ڪلرڪ 3 ۽ مسابتا ڪلاس 2 وڪيٽون ورتيون. ڏکڻ آفريڪا 47 رنز جو هدف 6.1 اوورن ۾ بنا ڪنهن نقصان جي پورو ڪري ورتو.