لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بولر عاقب جاويد جو چوڻ آهي ته پاڪستان ٽيم کي شعيب ملڪ جو متبادل نه مليو آهي هن کي ايشيا ڪپ ۽ ورلڊ ڪپ اسڪواڊ کان ڊراپ ڪرڻ حيران ڪندڙ آهي. ميڊيا رپورٽن موجب اڳوڻي فاسٽ بولر عاقب جاويد ايشيا ڪپ ۽ نيڌرلينڊ خلاف چونڊيل اسڪواڊ کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته شعيب ملڪ ۽ شان مسعود کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. قومي ٽيم ۾ چوٿين نمبر تي شعيب ملڪ بلڪل فٽ آهي. هن چيو ته افتخار احمد پوين پنجن سالن کان ٽيم مان اِن ۽ آئوٽ ٿي رهيو آهي جڏهن ته آصف علي ۽ خوشدل شاهه هڪجهڙي بيٽنگ ڪندا آهن، منهنجي خيال ۾ ٽيم ۾ بهتري جي وڌيڪ گنجائش آهي.