ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) پيپلز پارٽي پاران اڄ 18هين آڪٽوبر جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي. ڪارساز سانحي ۾ شهيد ٿيل پيپلز پارٽي جي جيالن جي مزار تي پيپلز پارٽي جي قيادت پاران حاضري ڀري ڏيئا ٻاريا ويندا. وڏو وزير سيد مراد علي شاھ، پيپلز پارٽي سنڌ جو صدر نثار کهڙو، صوبائي وزير سعيد غني  ۽ ٻيا اڳواڻ حاضري ڀري شهيدن کي ڀيٽا پيش  ڪندا، ٻئي طرف پنهنجي پيغام ۾ پ پ  چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته  ڪاز ساز جي شهيدن  قرباني ڏئي ملڪ ۾ جمهوريت کي سگهارو ڪيو