لنڊن(م ڊ) پاڪ فوج جي آفيسرن جي سوشل ميڊيا تي وڊيو جاري ٿي آهي جنهن ۾ هو هڪٻئي سان مذاق ڪري رهيا آهن جيڪا ڪاڪول اڪيڊمي جي آهي. ان ۾ بهاولپور جي ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد به شامل آهي جنهن ۾ هو سينئر آفيسرن سان مذاق ڪري رهيو آهي. اها وڊيو ڪاڪول ۾ ٿيل روايتي تقريب جي آهي جنهن ۾ اڪيڊمي مان نڪتل حاضر سروس ۽ رٽائرڊ آفيسر شامل هوندا آهن ان ۾ هنن کي رينڪ لڳل ناهن هوندا ۽ باغيچي ۾ گهمندي ساڻن اتي جو عملو مذاق به ڪندو آهي. هڪ وڊيو ۾ ڊرل انسٽرڪٽر چيو ته صاحب هتي وحيد مراد ته ڀرتي ٿيڻ ناهيو آيا؟ هن ڊرل اسٽاف کي حڪم ٿو ڏئي ته جي سي فيض حميد کي حجام وٽ وٺي وڃو ۽ هن کي حجام جا جلوا ڏيکاريو ۽ صاحب کي وحيد مراد کان نجم سيٺي بڻايو. اهڙيو ٻيون وڊيو به شامل آهن. ٻي وڊيو ۾ جنرل فيض حميد چوي ٿو ته ليڊيز کي اماڻيو اسان جي بيعزتي ٿي رهي آهي جنهن تي اتي موجود ماڻهو ٽهڪ ڏيندا آهن.