ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) سنڌ ۾ ڏوهارين جي سڃاڻپ لاءِ ”تلاش“ ايپ متعارف، انويسٽيگيشن شعبي کي الڳ ڪيڊر ٺاهڻ ۽ اسپيشل برانچ کي اپگريڊ ڪرڻ جو فيصلو،.ڪالهه آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ سي پي او ۾”تلاش ايپ“ جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ڊي آءِ جي انفارميشن ٽيڪنالاجي  پرويز چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته پوليس کي ڏوهارين جي سڃاڻپ لاءِ مختلف آفيسن، ٿاڻن ۽ نادرا سان رابطا ڪرڻا پوندا هئا ، هاڻي  ڏوهارين جي رڪارڊ کي انهي ايپ تي رکيو ويندو، انويسٽيگيشن آفيسرن کي ڊوائيس ڏنا ويندا، انهن ڊوائيسن ۾ هي ايپليڪيشن انسٽال ٿيل هوندي، اسنيپ چيڪنگ توڙي سرچ آپريشن دوران شڪي ماڻهو جو سڃاڻپ ڪارڊ نمبر يا فنگر پرنٽ وٺڻ سان سندس سڄو رڪارڊ سامهون اچي ويندو ته سندس مٿان ڪيترا ۽ ڪهڙي قسم جا ڪيس داخل ٿيل آهن؟ ڇا اهو روپوش يا اشتهاري جوابدار ته ناهي؟ هن چيو ته هي ايپ نادرا سان جڙيل آهي، 15 لک ڪرمنلز جو رڪارڊ تلاش ايپ تي دستياب هوندو، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پوري دنيا ٽيڪنالاجي ذريعي ڏوهن تي ڪنٽرول ڪيو آهي اسين اهو چاهيون ته سافٽ ويئر ذريعي ڏوهارين کي پڪڙيون، هن چيو ته هن وقت صورتحال اها آهي ته ماڻهو انويسٽيگشن ۾ وڃڻ نه ٿا چاهين، انويسٽيگشن بهتر ڪرڻ لاءَ آفيسرن کي ٽريننگ ڏني ويندي، هن شعبي کي الڳ ڪيڊر ٺاهيو ويندو، ته جيئن پوليس آفيسر يا اهلڪار انويسٽيگيشن شعبي ۾ مستقل بنيادن تي ڪم ڪن، ڪيسن جي جاچ ڪندڙ آفيسرن جي في وڌائي ويندي، ڪوشش آهي ته جاچ آفيسرن کي ڪيسن جي جاچ واسطي ملندڙ رقم جي اڌ جيترا پئسا ايڊوانس ۾ ڏئي ڇڏيون ته جيئن اهي پريشاني کان بچي سگھن. هن چيو ته ٽريفڪ پوليس کي  شولڊر ڪيمرائون فراهم ڪيون ويون آهن، ٿاڻن اندر به سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳايون ويون آهن،  سنڌ ۾ 22 ٽول پلازا آهن، اسين اتي به سمارٽ ڪيمرائون  لڳائينداسين،  هن چيو ته اسپيشل برانچ کي اپگريڊ ڪيو ويندو. هن چيو ته منشيات استعمال ڪندڙن جي سروي ڪرائينداسين، ساڳئي وقت منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون پڻ جاري رهندو، ٻئي طرف آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ هڪ ٻئي اجلاس ۾ سي پيڪ ۽ نان سي پيڪ پروجيڪٽن ۾ چيني شهرين جي سيڪيورٽي کي فول پروف ڪرڻ جي هدايت ڪئي