اسلام آباد (بيورو رپورٽ) افغاني پارليامينٽ جي سربراهه جي دعوت تي اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر جي سربراهي ۾ افغانستان ويندڙ پاڪستان جي پارلياماني وفد سان ڪابل ايئرپورٽ تي افغانستان جي ايئرپورٽ اختيارين پاران ڪيل غير مناسب سلوڪ جي ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي، ذريعن مطابق پي آءِ اي جو جهاز اسپيڪر اسد قيصر جي سربراهي ۾ پاڪستان جو پارلياماني وفد 8 اپريل صبح 10 وڳي 20 منٽن تي اسلام آباد کان ڪابل لاءِ روانو ٿيو، افغاني پارليامينٽ جي سربراهه جي دعوت تي روانو ٿيل اسپيڪر کي کڻي ايندڙ جهاز ڪابل ايئرپورٽ جي حدن ۾ 28 هزار فوٽ جي بلندي تي هو ته ان جهاز پاران لينڊنگ جي اجازت گهري وئي ته ڪابل ايئرپورٽ جي اختيارين سيڪيورٽي سبب بيان ڪري جهاز کي انهيءَ بلندي تي لينڊنگ لاءِ انتظار ڪرڻ جو چيو ويو، جنهن بعد ڪابل ايئرپورٽ جي اختيارين پي آءِ جي پائليٽ کان اهو دريافت ڪيو ته هو 28 هزار فوٽ بلندي تي لينڊنگ لاءِ ڪيتري دير تائين انتظار ڪري سگهي ٿو، جنهن تي پي آءِ اي جي پائليٽ کين جواب ڏنو ته اگر ڪابل ايئرپورٽ تي جهاز جو تيل ملي وڃي ته هو هڪ ڪلاڪ تائين انهيءَ بلندي تي انتظار ڪري سگهي ٿو، تقريبن 42 منٽن تائين 28 هزار فوٽ تي پي آءِ اي جي جهاز پاران لينڊنگ لاءِ انتظار ڪرڻ بعد ڪابل ايئرپورٽ انتظاميا جهاز کي لينڊنگ جي اجازت ڏني، لينڊنگ لاءِ جڏهن جهاز هيٺ لهي 17 هزار فوٽ تي پهتو ته ڪابل ايئرپورٽ انتظاميا جهاز کي هڪ ڀيرو وري سيڪيورٽي سبب ڄاڻائي لينڊنگ ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ هدايت ڪئي ته ٻيهر 20 هزار فوٽ بلندي تي لينڊنگ جي اجازت ملڻ لاءِ انتظار ڪيو وڃي، ائين اسپيڪر کي دوري لاءِ کڻي ويل جهاز 10 منٽن تائين بلندي ۾ لينڊنگ لاءِ انتظار ڪندو رهيو، پر اجازت نه ملي ته پائليٽ پاران تيل تيزي سان ختم ٿيڻ بابت پي آءِ اي انتظاميا کي آگاهي ڏئي هدايتون گهريون ته پي آءِ اي انتظاميا پائليٽ کي هدايت ڪئي ته جهاز کي واپس اسلام آباد آندو وڃي، ڪابل کان جڏهن جهاز واپس پاڪستاني فضائي حدن تي پهتو ته ڪابل اختيارين پي آءِ اي جي پائليٽ کي ٻڌايو ته ڪابل ايئرپورٽ لينڊنگ لاءِ کوليو ويو آهي.