لنڊن (م ڊ) برطانيا پاڪستان کي مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردي جي مالي مدد جهڙن مسئلن کي منهن ڏيندڙ هاءِ رسڪ ملڪن جي فهرست ۾ شامل ڪري ڇڏيو، 21 رڪني فهرست ۾ پاڪستان جو نمبر 15هون آهي، فهرست ۾ شامل، يوگينڊا، يمن، زمبابوي به شامل آهن، برطانوي حڪومت جي ڊسمبر 2020ع جي رپورٽ موجب پاڪستان ۽ برطانيا و چ۾ غيرقانوني رقم جي ڏي وٺ به جاري آهي. برطانوي حڪومت موجب ٽيڪس ڪنٽرول نه هجڻ، دهشتگردي جي مالي مدد ۽ مني لانڊرنگ جهڙا مسئلن جو شڪار ملڪ خطرو آهن. هاءِ رسڪ مملڪن جي تعين جي نئين تعريف بعد برطانيا ۾ مني لانڊرنگ اينڊ ٽيررسٽ فنانس ريگيوليشن 2021ع مارچ ۾ لاڳو ٿيو آهي.