ڊسڪا (م ڊ) اين اي 75 ڊسڪا ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ نواز ليگ اميدوار نوشين افتخار شڪست کائيندڙ تحريڪ انصاف اميدوار علي اسجد ملهي طرفان مبارڪباد پيش ڪرڻ تي سندس ٿورا مڃيا آهن. آر او آفيس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي نوشين افتخار چيو ته ڊسڪا کي هڪ ڀيرو ٻيهر مبارڪباد ڏيان ٿي، مان سرڪاري نتيجو وصول ڪري ورتو آهي ۽ عوام جي خدمت لاءِ پرعزم آهيان. هن چيو منهنجو علي اسجد ملهي کي پيغام آهي ته اقتدار جي لالچ ۾ جانيون قربان نه ڪرڻ گهرجن، منهنجي اها ئي خواهش هئي ته چونڊون ائين ئي پرامن ٿين، ملهي صاحب وڏي مهرباني، توهان مون کي مبارڪ ڏني، مان به مٺائي کڻي توهان جي گهر اينديس. هن اعلان ڪيو ته سومر جي ڏينهن تڪ ۾ نڪري پاڻ عوام کي مبارڪون ڏيڻ وينديس.