مورو (اسپورٽس نيوز)   تعلقي مورو جي ڳوٺ ھوت خان بھراڻي سان تعلق رکندڙ آبش علي جمناٽسڪ جي مقابلن ۾ پھرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي. ڪئنيڊا جي وڏي صوبي اونٽاريو ۾ ٿيندڙ صوبائي سطح تي جمناٽسڪس جا مقابلا ڪرايا ويا جنھن ۾ سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ آبش علي ڪنگسٽن اونٽاريو ۾ سڀني پنجن ڪيٽگريز ۾ ئي پهريون پوزيشن حاصل ڪئي. آبش علي کي جمناٽسڪس پيٽر برو ڪلب طرفان صوبائي ٽيم ۾ شامل ڪيو.  آبش علي 2022 ۾ ڪيترن ئي صوبائي سطح تي ٿيندڙ راندين جي مقابلن ۾ حصو ورتو ۽ ميڊل کٽيا آهن جن ۾ 7 ۾ پھرين ۽ 5 مقابلن ۾ ٻي پوزيشن حاصل ڪئي. آبش علي جڳ مشهور سماجي اڳواڻ امداد بلوچ جي پوٽيءَ ۽ سنڌ جي ادب، ميوزڪ ۽ ثقافت سان پيار ڪندڙ شاھد بھراڻي جي نياڻيءَ ۽ غلام نبي بھراڻي جي ڀائيٽي آھي.  آبش علي جمناٽسڪس کان علاوه ڪراٽي، سوئمنگ ۽ انڊور اسڪائي ڊائو پڻ ڪندي آھي.