سوال/سروي … سنڌ جي ٻيٽن جي مالڪي ٻيهر وفاق حوالي ڪرڻ نامنظور، حڪومت بل واپس وٺي: عوام

0
214

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ جو احتجاج نظرانداز: ٻيٽن جي مالڪي ٻيهر وفاق حوالي، سامونڊي مصنوعي ٻيٽن تي اڪنامڪ ٺهندا: قومي اسيمبلي ۾ بل منظور ڪيو ويو آهي، قومي اسيمبلي ۾ منظور ٿيل ان بل کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته اهو بل سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق پاران قبضي جي ڪوشش آهي، بل کي رد ڪريون ٿا، حڪومت کي اهو بل واپس وٺڻ گهرجي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن شر لکيو ته گڏيل حڪومت آھي ته ظاھر آھي بل صلاح مشوري سان پيش ٿيو ھوندو ان تي واويلا صحيح ناھي ٻيٽن تي اگر شھر اڏجي ويو ته ان سان ترقي ٿيندي ماڻھو روزگار سان لڳندا ھونئن به ٻين ملڪن ۾ اھڙن ٻيٽن تي آئيلينڊ ٺھي ويا آسٽريليا ۾ اھڙن ٻيٽن تي شھر رھائشي ڪالونيون ٺھيل آھن جنھن سان چڱو خاصو ناڻو ڪمائي سگھجي ٿو ظاھر آھي اڏاوت ٿيندي ته پيسو گردش ڪندو جنھن سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، علي عباس جمالي لکيو ته سدائين سنڌ جي احتجاجن کي رياست پنهجي لت هيٺ رکيو آهي، سنڌ جو شعور ٻيٽن تي قبضا ڪرڻ نه ڏيندو اڳ ۾ مهانگائي جو راڪاس سنڌ اندر آدم بُوءِ ماڻهو بُوءِ ڪري ٿو سنڌي ماڻهن کي بک ۾ ماري ناس ڪرڻ جي سوچيل سمجهيل سازش آهي. ٻيٽن تي قبضا نامنــــــظور، جاويد چنا لکيو ته وفاق پاران آئين ۽ قانون جي لتاڙ ڪندي سنڌي قوم جي تاريخي قومي وسيلن ۽ قومي ورثي ٻيٽن تي غير آئيني، قبضو ڪرڻ چاهي ٿي ڇو جو آئين ٻڌائي ٿو ته جنهن صوبي جا وسيلا هجن ان صوبي جو وڌيڪ حق آهي سنڌ جي ٻيٽن تي به پهرين حق سنڌ ۽ سنڌين جو آهي.. موهن لال لکيو ته سنڌ جي عوام ٻيٽن تي قبضي خلاف احتجاج جي صورت ۾ چٽو موقف پيش ڪري چڪي آهي ته پوءِ پي ڊي ايم جنهن ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪندڙ پيپلزپارٽي به شريڪ آهي انهن وري بل پاس ڪرائي ڌارين لوڌ کي سنڌ ۾ مسلط ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو جنهن کي سنڌي قوم رد ڪري ٿي، جنيد زرين بلوچ لکيو ته سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت ۾ ساڳي ئي پارٽي جو اقتدار آهي ظاهر آهي ته سنڌ حڪومت جي مرضي مطابق بل پاس ٿيو ھوندو. مطلب سنڌي عوام جي نمائندگي ڪندڙن ممبرن جي راضپي سان پاس ڪيو ويو. اسد انڍڙ لکيو ته هاڻي جائز آهي پ پ پ کي حصو ملندو ان سان گڏ قومپرستن کي به، قربان علي ميراڻي لکيو ته اصل ڳالھه ھي آھي ته وفاق ۽ صوبي ۾ ساڳي پارٽي جي حڪومت آھي ھاڻي انھيء اشو تي تحرڪ وٺي ڪير قوم پرست پارٽيون به ھن وقت مايوسيءَ جو شڪار آھن جمعيت علماء اسلام جو جنرل سيڪريٽري علامه راشد محمود صاحب سومرو ۾ اھڙي اميد رکي سگھي ٿي ته انشاء الله انھن مسئلي تي قائدجمعيت مولانا فضل الرحمان صاحب سان ضرور ڳالھائيندو! اويس ملاح لکيو ته سنڌ سان مسلسل ڏاڍ جبر کي سنڌ جي عوام رد ڪندي، پيپلزپارٽي کين سپورٽ ڪري رهي آهي، صفدر پنهور لکيو ته روز بروز سنڌ جي حقن تي ڌاڙا هڻندا اچن ڪڏھن سنڌ جي قدرتي وسيلن تي ته ڪڏهن وري سنڌ جي نوجوانن جي روزگار تي، ھي پ پ حڪومت سنڌ کي ٻنھي ھٿن سان لٽي رھي آھي پر افسوس ڪير به انھن ظالمن کان سوال ڪرڻ وارو آهي ئي ڪونه، يعقوب کوسو لکيو ته سنڌ جي وسلين تي هميشه نا انصافيون ٿيون چاهي ٻيٽ هجن يا ڪارونجهر جو ڪوئلو هجي، نارائڻ داس لکيو ته وفاقي حڪومت وري ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ چاھي ٿي، ڪيلاش ڪمار لکيو ته دراصل اها اسان جي سنڌين جي ووٽ بينڪ جي ڪمزوري آهي مطلب ته اسان جو ووٽ غلط ھٿن ۾ آھي، عرفان علي ملاح لکيو ته تڪراي فيصلا ڏئي ڪري ملڪ کي وڌيڪ نقصان ۾ نه وڌو وڃي، احسان لغاري لکيو ته ٻيٽن تي جيڪو بل پاس ٿيو ان ۾ پيپلز پارٽي شريڪ آھي ۽ سنڌ حڪومت جي مرضي مطابق بل ٿيو، مراد علي لکيو ته سنڌ جا ٻيٽ وفاق جي حوالي ڪرڻ سنڌ ۽ سنڌين سان سراسر ناانصافي آهي پھريان اھو ڪم عمران ڪيو ھاڻ وري پيپلز پارٽي ۽ نون ليگ وارا گڏجي ڪن پيا سنڌ جا چونڊيل نمائندا به خاموش آهن، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته مھانگائي تان عوام جو ڌيان ھٽائڻ لاء اھڙا ڪم ڪيا پيا وڃن، وفاق کي اهو بل واپس وٺڻ گهرجي، قمبير جوکيو لکيو ته سنڌ حڪومت عمران دور ۾ ٻيٽ وفاقي حڪومت کي نه پئي ڏيڻ چاهيا هاڻي جڏهن وفاقي حڪومت سان اتحاد ۾ آهن ته ٻيٽ کپائڻ ۾ دير ئي نه ڪيائون، عالم پالاري لکيو ته سنڌ جي عوام کي پنهنجي وسيلن زمينن جي مالڪي لاءِ ميدان عمل ۾ اچڻو پوندو سنڌ جي وسيلن زمينن تي ڌارين پاران قبضا ڪيا پيا وڃن ضلعن ڄامشورو ملير ٺٽو جون لکين ايڪڙ زمينون جيڪي مقامي رهواسين جي ابن ڏاڏن جون ملڪيتون هيون انهن کي سرڪاري مشينري وسيلي بلڊرن کي ڏنيون ويون آهن ڪوهستان جاجبل جيڪي قدرتي حسناڪين جا منظر پيش ڪندا هئا انهن کي ڪٽي اڄ اتي غير قانوني طريقي سان سوسائٽيون جوڙيون پيون وڃن جنهن سبب مقامي آبادي اقليت ۾ تبديل پئي ٿئي اسان سنڌ جي وسيلن تي غير قانوني عمل خلاف مزاحمت ٿيڻ گهرجي، محمد مٺل چانڊيو لکيو ته پھريان عمران پيو ڪري ھاڻ پنھنجا پيا ڪن ھنن کي ڪير چوندو جيڪي احتجاج ڪندا سي به تشدد جو شڪار ٿيندا، خاموش خليل شر لکيو ته وفاق جو عمل سراسر غلط آھي، سنڌ جي ٻيٽن سان سنڌ حڪومت جو عمل دخل آهي، تاج محمد به سروي ۾ حصو ورتو، عاشق حسين لکيو ته جڏھن فاٽا جا علائقا وفاق حوالي ٿي سگھن ته پوء ھي ٻيٽ به حوالي ٿي سگھن ٿا ڇو ته وقت جا حڪمران ڀاڳي ڀائيوار ھجن ته اتي ھي فيصلا اچي سگھن ٿا اھا ڪا نئين روايت نه آھي، صدام سنڌي لکيو ته سنڌ حڪومت جا فيصلو نا منظور، سليم اختر به سروي ۾ حصو ورتو، مير مور رند لکيو ته سنڌ حڪومت پنهنجو ساک بچائڻ لاء وري اهو مسئلو اٿاريو آھي، سردار لطيف، محمد اسماعيل لکيو ته سنڌ حُڪومت جي ڪھڙين ڪھڙين نعمتن کان انڪار ڪندا، رميش ڪمار لکيو ته عوامي راءِ کي مڪمل نظر انداز ڪيو پيو وڃي عوام اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، امتياز لغاري لکيو ته سنڌ حڪومت سنڌ کي پنھنجي لاءِ ڪاروبار سمجھي چڪي آھي ھنن جو ڪو بـ سنڌ جي حقن وسيلن سنڌ جي ٻيٽن سان تعلقات ناھي، ذوالفقار راهمون لکيو ته وفاق ۾ ويٺل پي۔ڊي۔ايم۔جا ساٿاري سنڌ ۽ سنڌين جا دشمن آهن، حيدر پنهور لکيو ته غلط فيصلو آهي، مير ارشاد خان، نعمت الله راهمون به سروي ۾ حصو ورتو، شنڪر لال لکيو ته سنڌ ۽ وفاقي حڪومت ٻئي نا اھل آهن، عمران جوڻيجو لکيو ته سنڌ جا حق سنڌين تي ڪڏهن خرچ ٿيندا الله ڪري اهو وقت اچي ، محمد فياض وساڻ لکيو ته وفاق پاران آئين ۽ قانون جي لتاڙ ڪندي سنڌي قوم جي تاريخي قومي وسيلن ۽ قومي ورثي ٻيٽن تي غير آئيني، قبضو ڪيو پيو وڃي سنڌ جي ٻيٽن تي به پهرين حق سنڌ ۽ سنڌين جو آهي..سنڌ سان مسلسل ڏاڍ جبر کي سنڌ جي عوام رد ڪندي، دليپ ڪمار لکيو ته وفاقي حڪومت جو اھو فيصلو بلڪل غلط آھي، محمد سليمان جمالي لکيو ته سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت ۾ ساڳي ئي پارٽي جو اقتدار آهي ظاهر آهي ته سنڌ حڪومت جي مرضي مطابق بل پاس ٿيو ھوندو. مطلب سنڌي عوام جي نمائندگي ڪندڙن ممبرن جي راضپي سان پاس ڪيو ويو هوندو، حسيني آصف علي لکيو ته سنڌ متعلق وفاق سدائين تعصب پرستي جو مظاهرو ڪيو آهي، اسدالله شاهه، راسول مل، واجد جمالي به سروي ۾ حصو ورتو، محمد موسيٰ کٽي لکيو ته ايهو فيصلو بلڪل غلط آهي ٻيٽن جي مالڪي ٻيهر وفاق حوالي نامنظور نامنظور، اهو فيصلو واپس ورتو وڃي، امتياز علي، شوڪت نهڙيو، ظفر رند به سروي ۾ حصو ورتو.