دبئي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي مينجمينٽ ڪميٽي جي سربراهه نجم سيٺي چيو آهي ته ڀارت پنهنجي ٽيم پاڪستان نه موڪلي ته پاڪستاني ٽيم به ڀارت نه موڪليندو. ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل اجلاس ۾ نجم سيٺي سخت موقف قائم ڪندي واضح ڪيو ته ڀارتي بورڊ جو موقف تبديل نه ٿيو ته ايشيا ڪپ نيوٽرل وينيو تي ٿي سگهي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت پنهنجي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان نه موڪلي ته پاڪستاني ٽيم به ڀارت نه ويندي. ذريعن موجب نيوٽرل وينيو طور تي يو اي اي ۽ قطر جي نالن تي غور ڪيو پيو وڃي، ايشيا ڪپ متاثر ٿيو ته ورلڊ ڪپ ۽ چيئمپينز ٽرافي تي به ڊيڊلاڪ ٿيندو. مارچ ۾ اي سي سي ۽ آءِ سي سي ٻنهي جو اجلاس شيڊولڊ آهي، ٻئي طرف اي سي سي اجلاس ۾ افغانستان ڪرڪيٽ تي به ڳالهيون ٿيو ۽ بورڊ افغانستان جو بجيٽ 9 سيڪڙو کان وڌائي 15 سيڪڙو تائين ڪري ڇڏيو آهي.