اوتاوا (م ڊ) ڪئناڊا جي ناليواري ڪيٿولڪ اڳواڻ ڪارڊينل مارڪ اوليٽ تي جنسي زيادتي جو الزام لڳڻ تي مٿس ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڄاڻايل الزام ڪينيڊين صوبي ڪيوبيڪ جي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيل قانوني ڪاغذن ۾ لڳايو ويو آهي، جنهن ۾ هڪ عورت دعويٰ ڪئي آهي ته کيس ماضي ۾ ان وقت جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو جڏهن سندس عمر ننڍي هئي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ڪاغذن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته متاثر عورت هڪ چيريٽي تقريب ۾ 2008 ۾ ڪارڊينل مارڪ سان ملي، ان وقت سندس عمر 30 ورهيه هئي ۽ هوءَ چرچ ۾ انٽرن هئي، عورت دعويٰ ڪئي آهي ته رات جو کاڌي کانپوءِ ڪارڊيل مارڪ اڻوڻندڙ طريقي سان ان جي ڪلهن تي هٿ رکيا ۽ پوءِ چيلهه تي هٿ ڦيرڻ لڳو جنهن تي کيس سمجهه ۾ نه آيو ته اهو ڪهڙو ردعمل آهي. ڪاغذن ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته ان کانپوءِ 2010ع ۾ هڪ تقريب جي موقعي تي ڪارڊينل ڄاڻايل عورت کي چمي ڏيڻ جي خواهش ظاهر ڪئي، ان سان گڏ ڪجهه اڻوڻندڙ جملا به چيا. واضح رهي ته ماضي ۾ ڪيٿولڪ اڳواڻ ڪارڊينل مارڪ اوليٽ کي پوپ جو مضبوط اميدار سمجهيو ويندو هو. ڪارڊينل مارڪ اوليٽ جو شمار انهن ماڻهن ۾ ٿيندو آهي جيڪو جنسي زيادتين کي روڪڻ لاءِ پنهنجو آواز بلند ڪندا رهندا آهن.