سنڌو درياهه جي وهڪرن ۾ چاڙهه بعد تونسا بئراج وٽ مٿانهين درجي جي ٻوڏ ڊڪليئر

0
432

ڪراچي: سنڌو درياهه جي وهڪرن ۾ چاڙهه بعد تونسا بئراج وٽ مٿانهين درجي جي ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي آھي، تونسا بئراج جا دروازا مڪمل طور کُلي ويا، تونسا وٽ درياهه جو مٿانهون وهڪرو 5 لک 10 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويوDesilting of Sukkur Barrage canals begins

 چشما بئراج وٽ وچولي درجي جي ٻوڏ اچي وئي، گڊو بئراج وٽ پاڻي جا وهڪرا وڌي 3 لک 37 هزار ڪيوسڪ ٿي ويا، گڊو بئراج وٽ ٻن ڏينهن ۾ وڏي ٻوڏ جو خطرو، واڳيل اختيارين کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي

وزيراعظم طرفان سنڌ ۾ چوماسي جي وسڪاري سبب آيل تباهي تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو آھي، اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي ۽ سنڌ سرڪار کي متاثر علائقن ۾ فوري امدادي ڪارروائين جي هدايت ڪئي وئي آھي

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ جي صورتحال ۾ پهرين ترجيح متاثر کي ريسڪيو ڪري امداد ڏيڻ آهي، متاثرن کي رهائشي ۽ طبي سهولتون ترت فراهم ڪيون وڃنجوهري طاقت بڻجي سگهون ٿا

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ برسات دوران ڪيترائي گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آھن، معصوم ٻارڙي ۽ پيرسن عورت دٻجي فوت، سکر جي مائيڪرو ڪالونيءَ ۾ برسات دوران گهر جي ڇِت ڪرڻ سبب پيرسن عورت صاحب خاتون دٻجي فوت ٿي وئي 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا

سيٺارجا جي ڳوٺ ڇتن شاهه بخاري ۾ برسات دوران گهر ڊهي پيو، 4 مهينن جي ٻارڙي صوبيا دٻجي فوت، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت لاش ملبي مان ٻاهر ڪڍيو، ٽنڊو ڄام ۾ 5 ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا

برسات سبب وونئڻ، ڪمند، بصر ۽ ٻئي فصل کي شديد نقصان ٿي رھيو آھي، دوڙ ۾ برسات دوران 15 کان وڌيڪ ڪچا گهر ڪِري پيا، ٽن ٻارن سوڌو 10 ڄڻا زخمي، باڊهه ويجهو واڙي جي ڇِت ڪرڻ سبب 3 ڄڻا زخمي، 3 مينهون دٻجي مري ويون آھن

ھي به پڙھندا

سنڌ جي مختلف شھرن ۾ تيز برسات: ڪيترائي گھر ڊھي پٽ، واقعا ۽ حادثا

سنڌ جِي راڄڌاني ڪراچي سميت صوبي ۾ تيز برساتن تباهي مچائي ڇڏي