لنڊن (م ڊ)گذريل سال ونڊسر محل جي ٻاهران تير ڪمان سوڌو گرفتار ٿيل جوابدار برطانيا جي عدالت ۾ بيان ڏنو آهي ته هو راڻي ايلزبٿ کي قتل ڪرڻ لاءِ ويو هو. 20 ورهين جي جسونت سنگهه تي برطانيا جي عدالت ۾ غداري جو ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهي. جسونت سنگهه گذريل سال ونڊسر محل جي ٻاهران ماسڪ پهري ۽ تير ڪمان هٿ کڻي بيٺل هو، جنهن تي پوليس کيس گرفتار ڪري ورتو هو. 25 ڊسمبر جي ڏينهن راڻي ايلزبٿ پنهنجي صاحبزادي شهزادي چارلس ۽ سندس گهرواري ڪميلا پارڪر سان گڏ ونڊسر محل ۾ موجود هئي. دهشتگردي ٽوڙ پوليس جي جاچ موجب جوابدار خلاف قتل جي ڌمڪي، نقصان ڏيندڙ هٿيار جي موجودگي ۽ غداري جي قانون تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. لنڊن جي ويسٽ منسٽر عدالت ۾ جوابدار چيو ته هو اسٽيبلشمينٽ کان بدلو وٺڻ چاهي پيو. جوابدار نوجوان اهو انوکو موقت ڏنو آهي ته هو برطانيا جي رياست کان بدلو وٺڻ لاءِ راڻي کي قتل ڪرڻ چاهي پيو.