ڏيئي (ن پ ا) کڏهري واسي کان 15 هزار قرض تي مبينا طور 80 هزار وياج طلب ڪيو ويو آهي، ان ڏس ۾ ڏئي ڀرسان کڏهرو شهر ۾ وياجي جي ظلم کان تنگ ٿي علي اصغر روستماڻي ٽائيم نيوز آفيس تي احتجاج ڪندي چيو ته مون ڪجهه وقت پهرين  رمضان روستماڻي کان 15000 مجبوري ڪري اوڌر کنيا هئا. جنھن عيوض هن مون کان پنهنجو چيڪ بڪ ضمانت ۾ پاڻ وٽ رکيو هو. هاڻي رمضان روستماڻي مون کي بليڪ ميل ڪري رهيو آهي ته کيس 80 هزار رپيا ڏيان نه ته توتي ڪيس داخل ڪري ٻڌائيندس. هن ايس ايس پي بدين کان گهر ڪئي ته ساڻس انصاف ڪري وياجي جي ظلم کان بچايو وڃي. ٻي صورت ۾ پاڻ کي باه ڏئي آپگهات ڪندس.