ڇاڇرو (ن پ ا) ٿر ۾ غيرقانوني وياج جي وڌندڙ ڪاروبار جي شڪايتن بعد ايس ايس پي ٿرپارڪر عابد علي بلوچ نوٽيس وٺندي ان حوالي سان ڪمپلين سينٽر قائم ڪيو آهي، جتي وياج خورن خلاف درخواستون ڏنيون وينديون، ايس ايس پي ٿرپارڪر جي نوٽيس بعد ڇاڇرو ۾ غيرقانوني طور وياج جو ڪاروبار ڪندڙن ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي، ان ڏس ۾ شهرين رحمت الله سميجو، حبيب الله نهڙي، علي حسن راهمون ۽ ٻين چيو ته وياج جي وڌندڙ ڪاروبار سبب غريب ماڻهو تباهه ٿي ويا آهن، ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقن جا هزارين سرڪاري ملازم وياج خورن جي قرضي آهن، هنن مطالبو ڪيو ته وياج جو ڪاروبار ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.