پير وسڻ (ن پ ا) پير وسڻ ڀرسان يوسي جعفر خان جلالاڻي جي ڳوٺ عبدالخالق سولنگي ۾ فوتي نوجوان اميتاز علي سولنگي جو مڙھ ڳوٺ مان 4 کان 5 فٽ بيٺل برساتي پاڻيءَ مان ٻيڙي ٺاھي ٻاھر ڪڍيو ويو. جڏھن ته هڪ ڪلوميٽر تائين پاڻي هجڻ ڪري ڳوٺاڻن کي تمام گهڻي ڏکيائي کي منهن ڏيڻو پيو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته اسان گهر ڪِري تباهه ٿي ويا آهن. ٽن مهينن کان پوءِ به گھرن توڙي رستن تي 4 کان 5 فٽ پاڻي بيٺل آهي. قبرستان به ٻڏل آهي، جنھن ڪري لاش دفنائڻ لاءِ جڳهه نه پئي ملي، جنھن ڪري فوتيءَ جو مڙھ کي 10 ڪلوميٽر پري ٻئي ڳوٺ ۾ دفنائڻ لاءِ کڻي وڃي رھيا آھيون. ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته ڊي سي خيرپور، اي سي ٺري ميرواهه کي بار بار شڪايتن باوجود برساتي پاڻي نيڪال نٿو ڪرايو وڃي. ھنن انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته ڳوٺ ۾ ٻيٺل برساتي پاڻي فوري طور نيڪال ڪرايو وڃي.