کپرو/کاهي(ن پ ا) کاهي لڳ ڳوٺ خدا بخش درس ۾ ماءُ سان گڏ ڪپڙا ڌوئيندي 15 سالن جي مومل عرف ڪملي ڌيءَ اميدو ڪولھي پير ترڪڻ سبب کپرو واهه ۾ ٻڏي فوت ٿي وئي جنهن جو لاش ڪڍي علائقي واسين پاران تعلقي اسپتال آندو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻئي طرف کاھي پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو پير ترڪڻ سبب پيش آيو آهي وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون.