ٽنڊوالهيار (رپورٽر)ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جي ٽين لهر کان پوء حڪومت طرفان سنڌ ۾ ڇنڇر ۽ آچر ڏهاڙي ڪاروباري مرڪز بند رکڻ واري حڪم بعد سڄي سنڌ جيان ٽنڊوالهيار ۾ به مڪمل لاڪ ڊائون رهيو. ٽنڊوالهيار ضلعي جا ننڍا وڏا شهر چمبڙ، جهنڊومري، پيارولنڊ، عثمان شاهه هڙي، نصرپور، بڪيراشريف سميت سموري علائقن ۾ مڪمل لاڪ ڊائون رهيو. ضلعي ۾ سبزين . فروٽ . کير ۽ ميڊيڪل اسٽورن کان سواء سمورا ڪاروباري مرڪز بند رهيا