مانجھند ( رپورٽر )لاکڙا ڪول فيلڊ ۾ 13ريٽائر ملازم فاقاڪشي واري زندگي گزارڻ تي مجبور آهن، لاکڙا ڪول فيلڊ جي حبيب الله ڪول مائنز جي انتظاميا 13 ريٽائر ملازمن کي سروس گريجوئٽي کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو آهي. هڪ سال اڳ ريٽائر ٿيل راول خان کوسو ڪرم حسين کوسو تڳيو خان رند سميت 13 پورهيتن کي هڪ سال اڳ حبيب الله ڪمپني جي مينيجر حميدالله پراچا عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي هئي، جنهن ۾ عدالت پورهيتن جي حق ۾ فيصلو ٻڌائي کين پينشن ڏئڻ جو حڪم ڏنو هو پر انتظاميا عدالتي فيصلي تي عمل نه ڪيو ۽ گريجوئٽي ڏئڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو آھي. پورهيتن سپريم ڪورٽ ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي هي ته کين حق ڏئي ڦاڪاڪشي واري زندگي گزارڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ڪمپني گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.