ڪنڌرا (ن پ ا) ڪنڌرا باءِ پاس وٽ 12 ڏينهن اڳ جاگيراڻي_ جتوئي تڪرار تان قتل ٿيل بادل جتوئي جي قتل ڪيس ۾ نامزد غلام نبي عرف جاني جاگيراڻي پٽ مير محمد جاگيراڻي پريس ڪلب ڪنڌرا پهچي صحافين جي موجودگي ۾ ايس او ڪنڌرا علي بخش شر آڏو گرفتاري ڏئي ڇڏي آهي، ان موقعي تي ايس ايچ او چيو ته غلام نبي جاگيراڻي گرفتاري ڏئي سٺو عمل ڪيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته تمام جلد قتل ڪيس ۾ نامزد ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويندو.