کپرو (ن پ ا) کپرو لڳ اڇڙي ٿر ۾ قتل ٿي ويل نياز راڄڙ جي والد درمحمد جي فرياد تي ٻن ڄڻن بادل ۽ خير محمد راڄڙ تي قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪئي آھي ڪابه گرفتاري ناهي ٿي سگهي. کپرو ڀرسان اڇڙي ٿر جي تڙچنداهو تي راڄڙ برادري جي پراڻي تڪرار تان جهيڙي ۾ قتل ٿي ويل نياز راڄڙ جي قتل جو ڪيس سندس والد جي فرياد تي کپرو ٿاڻي تي ٻن جوابدارن بادل ۽ خيرو راڄڙ تي داخل ڪيو ويو آھي. جڏهن ته پوليس موجب جوابدار گهر خالي ڪري ويا آھن جنهن ڪري ڪابه گرفتاري عمل ۾ ناهي آئي ڪوشش ڪري رهيا آھيون.