ٽنڊوڄام (ن پ ا) ٽنڊوڄام لڳ کيسانو موري وٽ روھڙي ڪئنال ۾ ٽڪ ٽاڪ لاءِ وڊيو ريڪارڊ ڪرائڻ لاءِ ٽپو ڏيندڙ حيدرآباد واسي نوجوان عبدالوھاب ولد عبدالغفار چندريگر جو لاش 28 ڪلاڪن جي ڳولا بعد پسائڪي آئل فيلڊ وٽ روھڙي ڪينال جي پل وٽان ھٿ ڪيو ويو. جنھن بعد نوجوان مڙھ ٽنڊو ڄام جي مقامي اسپتال ۾ آندو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد پوليس لاش وارثن حوالي ڪيو، ٻي طرف نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو.