پريالو (ن پ ا) اوڍا ،ڀٽا ۽ ناريجا تڪرار تان قتل ٿي ويل نوجوان نجم الدين اوڍو کي ھٿيارن جي ڇانو ۽ پوليس جي سخت پھري ۾ جنازي نماز بعد پير ٽوپو جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. مقتول نوجوان جي چاچي امان الله اوڍو جي فرياد تي فيض محمد ٻنڍو ٿاڻي تي 25 ڄڻن تي جنھن ۾ محمد عثمان ناريجو، لياقت ناريجو ۽ مينهل ناريجو سميت 20 نامعلوم ماڻهن تي ڪيس داخل ڪيو ويو. ڌريون مورچا بند آهن۽ علائقو نوگو ايريا بڻيل آھي. وڌيڪ رتو ڇاڻ جو خدشو آھي.