حيدرآباد (بيورو رپورٽ) لطيف آباد مان هڪ ڏينهن اڳ گٽر لائين مان هٿ آيل 2 مارٽر شيلز وارو معاملي جو بي سيڪشن پوليس اڻڄاتل ماڻهن خلاف دهشت، خوف هراس ۽ شهرين کي جاني نقصان پهچائڻ جو ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، پوليس داخل ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته کين موبائل تي گشت دوران يونٽ 6 جي بلاڪ ڊي 91 جي گهٽي ۾ گٽر لائين ۾ 2 مشڪوڪ شاپر رکيل هئڻ جو اطلاع مليو، جنهن تي هو به واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ شاپرز کي پري کان ڏٺو ته ان ۾ 2 مارٽر شيل رکيل هئا، پوليس موجب ٻنهي شيلز کي ناڪاره بڻائڻ لاءِ فوري طور تي بي ڊي ايس کي اطلاع ڏنو ويون، بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي انسپيڪٽر رمضان پنهور عملي سان گڏ پهچي گٽر لائين مان مارٽر گولا ٻاهر ڪڍيا ۽ پوليس کي ٻڌايو ته اڻڄاتل ماڻهن مارٽر گولا تخريبڪاري لاءِ لڪايا هئا، پوليس موجب بعد ۾ هٿ آيل گولا تحويل ۾ وٺي انهن ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيا آهن، بي سيڪشن ٿاڻي جي سب انسپيڪٽر جهنڊو خان مشوري جي فرياد تي داخل ڪيس ۾ پوليس ڄاڻايو آهي ته اڻڄاتل جوابدارن دهشتگردي جو منصوبو جوڙي شهرين کي جاني نقصان پهچائڻ لاءِ مارٽر شيل گٽر لائين ۾ لڪايا هئا.