گمبٽ(ن پ ا) راضيديرو لڳ مهتاڻي جو نوجوان منصور علي شاهه ولد ذوالفقار علي شاهه هڪ مهيني کان گم هو، خبرون ميڊيا تي شايع ڪيون ويون هيون. ان سلسلي ۾ نوجوان جي چاچي سيد غلام شبير شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ميڊيا وارن جا ٿورائتا آهيون جن اسان جو آواز جهر جنگ پهچايو. هن ٻڌايو ته نوجوان درگاهه سعدي موساڻي تان هٿ آيو آهي اسان جي گهر ۾ عيد جهڙو ماحول آهي.