عرفان گوپانگ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته 235 رپيا لٽر پيٽرول وٺڻ کان بهتر آهي ته روز ڪلو کير وٺي پيئو ۽ گوڏي گاڏي کان ڪم وٺو، شگر ۽ بلڊ پريشر کان به مڪمل نجات ملندي، جنهن تي الله ورايو بلوچ لکيو ته کير به ته ڪيميڪل وارو آهي، نقي ابڙو لکيو ته کير به خالص نٿو ملي، علي غفران ابڙو لکيو ته جنهن ڏينهن امپورٽڊ حڪومت کي توهان جي فارمولي جي خبر پوندي ان ڏينهن کير جو اگهه به 600 رپيا ڪلو ڪندا، ارشد عزيز ميمڻ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ‏IMF ھميشه ھڪ سامراجي ادارو آهي جنهن جون پاليسيون غريب دشمن آھن.ڪڏھن حڪمرانن کي ڪرپشن ختم جو شرط رکيو اٿن؟؟