پگھار نه وڌي

0
145
پگھار نه وڌي

   پگھار وڌڻ جي انتظار ۾ ويٺل سرڪاري ملازمن لاء مشورو. توھان ھيٺيون شيون اڄ ئي خريد ڪريو يا انهن جو اگھه معلوم ڪريو. کائڻ جوتيل لٽر، پيٽرول لٽر، کنڊ ڪلو، چانور ڪلو، اٽو ڪلو، سرف ڪلو، چانھه پتي ڪلو، دال چڻا ڪلو، دال مڱ ڪلو، انڊا ڊزن، مرغي ڪلو. اھي سڀ سودا اگھه ۽ ٽوٽل سميت ھڪ پني تي لکي ان جو ڦوٽو وٺي ڇڏيو. توھان کي نئين پگھار پھرين آگسٽ تي يعني تقريباً ڏيڍ مھينو بعد ملندي. پوءِ ان پگھار مان وري ساڳيون شيون ساڳي مقدار ۽ ڪوالٽي ۾ خريد ڪريو. پوءِ ٽوٽل ۾ جيترو فرق اچي ان جي پرسنٽ نوٽ ڪريو. توقع اھا آهي ته اھا وڌيل پگھار جي پرسنٽ کان وڌيڪ ھوندي. حاصل ڪلام: پگھار نه وڌي. ڇو ته توھان سائيڪل تي ھلي رھيا آهيو ۽ انفليشن اسپورٽس ڪار تي سوار آهي. (عابد حسين ڀٽي جي فيس بوڪ وال تان ورتل)