اشو آف دي ڊي پيٽرول مهانگو ٿيڻ تي عوام ڪاوڙيل، حڪومت مٿان تنقيد، احتجاج لاءِ مهم

0
210
اشو آف دي ڊي پيٽرول مهانگو ٿيڻ تي عوام ڪاوڙيل، حڪومت مٿان تنقيد، احتجاج لاءِ مهم

 پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ تي عوام جو ٻئي ڏينهن به سوشل ميڊيا تي ردعمل جاري رهيو، حڪومت مٿان تنقيد ڪئي وئي ۽ احتجاج لاءِ مهم هلائي وئي، دلچسپ ۽ طنزيه تبصرا به ڪيا ويا. پيٽروليم اگهن ۾ واڌ واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ قاسم جاني ٻگهيو وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته نوابشاهه ۾ عوام موجوده حڪومت مان تنگ ٿي ويو ٻن پورهيتن پنهنجن ٻچن جي پيٽ گذر لاءِ خريد ڪيل رڪشا پيٽرول مهانگو ٿيڻ تي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيا. جنهن تي نسيم رضا لکيو ته سڀ ٻاهر نڪرو، آواز اٿاريو، سالڪ زرداري، شهزاد علي سولنگي، امجد امين، شهزاد علي، خالق زمان، عبدالرئوف ٻگهيو افسوس جو اظهار ڪيو، مشتاق ٻگهيو لکيو ته تمام جذباتي قدم کڻي پنهنجو ئي نقصان ڪيو آهي ڇا ان سان حڪمرانن کي فرق پوندو؟ مهانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. امير البحر لکيو ته سڀئي روڊن تي اچو تڏهن انصاف ملندو. شبير چانڊيو عاجز ڌامراهه جي مهانگائي خلاف احتجاج واري پراڻي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته الائي ڪاڏي گم ٿي ويا مهانگائي جو بهانو ڪري عمراني حڪومت کي ڪيرائڻ وارا، مهيني ۾ پيٽرول 100 رپيا ۽ ڊيزل 106 رپيا ليٽر کاڌي پيتي جون شيون300  سيڪڙو مهانگي ڪرڻ وارا، غريبن مسڪينن کان جيئڻ جو حق کسڻ وارا، ڪيڏانهن گم ٿي ويا،

سيد سجاد علي لکيو ته ڪنهن به عوام جي پرواهه ناهي. عبدالحميد شهباز شريف جي پنن واري تصوير شيئر ڪندي لکيو ته مون پنهنجا ڪپڙا کپائي ڇڏيا آهن پوءِ به ڪم سڌو نٿو ٿي مون کي ته ويل ۾ وجهي ڇڏيو آهي منهنجي اتحادين.. جنهن معشوق لکيو ته اصل ۾ پنهنجا ڪپڙا نه پر عوام جي ڪپڙن جي ڳالهه ڪريان ٿو، عبدالجبار چانڊيو لکيو ته ان مسڪينن کي ماري ڇڏيو آهي، علي اڪبر خاصخيلي لکيو ته اوهان به پي ڊي ايم جا حمايتي آهيو هاڻي ڏيو حال احوال، عابد لاشاري سڙندڙ رڪشائن جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته عوام ردعمل نه ڏنو ته وري پيٽرول بم ڪرندو، جنهن تي ضمير حسين جمالي لکيو ته هاڻي سبسڊي زيرو آهي. جبار حبيباڻي لکيو ته پيٽرول ۽ ڊيزل تي نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي وارن جا اڳوڻا بيان انهن جي منهن تي پيا لڳن . جنهن تي ولي محمد چانڊيو لکيو ته پ پ ۽ نواز ليگ وارا ڪيڏا عوام دشمن ۽ ڪاسائي آھن عمران جي حڪومت ۾ معمولي تيل وڌڻ تي ٽريڪٽر مارچ ڪري رستا بلاڪ ڪيائون ۽ هاڻي هنن مهيني 84 رپين کان وڌيڪ تيل جا اگھه وڌايا آھن، عوام کي گهرجي ته هنن جو گهيرو ڪري. ڊاڪٽر ساجد علي لکيو ته عمران جي پويان باهه به تو ٻاري هئي، وشنومل لکيو ته عوام دشمن حڪمران ساڳي قطار ۾ آهن جن کي ڪرسي سان واسطو آهي عوام جي رت جو آخري ڦڙو نڪري ٿو وڃي ان سان هنن جو ڪو واسطو ناهي،

عامر بخش لکيو ته حڪمرانن کي ڪو به فرق نٿو پوي، ايڊووڪيٽ رميش ڪمار لکيو ته بيانن ۽ ٽريڪٽر مارچ ئي هن مهانگائي جو سبب آهي، سندن صحت تي ڪو اثر ناهي، ڀوڳڻو عوام کي پوي ٿو، غلام حسين جوڻيجو لکيو ته هاڻ روئو نه، عبدالخالق حبيباڻي لکيو ته پاڪستان ۾ ھاڻي ڪھڙي اڳواڻ تي اعتماد ڪجي. ھاڻي جيڪا حڪومت ايندي ھن کان به خطرناڪ سماجي معاھدا ڪري پوءِ ايندي. سواءِ عوامي احتجاج ۽ پنھنجي حقن جي حفاظت ڪرڻ کانسواءِ ڪو ٻيو چارو ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. ذوالفقار سولنگي به شهباز شريف جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته چئي ٿو اوگرا ته 55 رپيا وڌائڻ جي سمري موڪلي ھئي پر مان پنھنجا لٽا کپائي ڇڏيا پر سمورو بار عوام تي نه وڌو رڳو 24 رپيا وڌايا، عبدالرحيم ڇٽو ۽ مورجمل جي سنتواڻي لکيو ته عمران خان وڏو بحران پيدا ڪري ويو، جباز آزاد منگي لکيو ته هن جهڙا حڪمران ئي ملڪ کي ترقي جي تهه خانن ۾ وجهي ڇڏيندا. ارشاد ميراڻي ۽ نورالدين سولنگي رڪشا ساڙڻ واري وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته پيٽرول جي مهانگي ٿيڻ بعد نوابشاهه ۾ حڪمرانن خلاف عوام جو رد عمل، جيڪو پنهنجي نقصان کان علاوه ڪجهه به ناهي، حبيب جمالي طنزيه پوسٽ لکيو ته پيٽرول جي قيمت وڌائڻ بعد شهباز شريف دانهون ڪري روئي رهيو هو،

مفتاح اسماعيل کيس دلاسو ڏيندو رهيو، منير مگسي به گاڏين کي باهين واري تصوير شيئر ڪندي لکيو ته حڪومتي نمائندن ۽ ادارن جي ڪرپشن جا نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا، سڪون تڏهن ملندو جڏهن پاڪستان ۽ سنڌ ۾ مهانگائي ڪندڙ ڪرپٽ حڪمرانن ۽ ڪامورن سان عوام حشر ڪندو جئين هن غريبن پنهنجا رڪشا ساڙيا آھن. حيدر قادري پوسٽ شيئر ڪئي ته اچو ته وڌندڙ پيٽرول خلاف احتجاج ڪريون جمعو ڇنڇر آچر ٽي ڏينھن سواءِ ايمرجنسي جي گاڏيون نه ڪڍون ھلڪي فلڪي ڪم لاءِ پنڌ نڪري پئون اوھان جي سوچ کان وڏو فرق پوندو، جنهن تي مقصود احمد چانڊيو لکيو ته بلڪل ايئن ڪرڻ سان پيٽرول جي ڊمانڊ کي ڌڪ لڳندو، سميت ڪيسواڻي لکيو ته مون کي پنهنجي قوم تي ڀروسو آهي ته پيٽرول ڀلي 500 رپيا لٽر ٿي وڃي قوم ٻاهر نه نڪرندي، جميل ناريجو لکيو ته قوم روڊن تي اچي ته بهتر ٿيندو، راجا انصاري لکيو ته مهانگائي جو عوام پاڻ ذميوار آهي حڪومت پيٽرول اگهن ۾ واڌ جو اعلان ڪيو ته سڀ ماڻهو پيٽرول پمپ تي پهچي ويا پيٽرول ڀرايو، رستن تي نڪرن ها ته پيٽرول ايڏو مهانگو نه ٿئي ها، رحيم ڪيهر لکيو ته پيٽرول ايڏو مهانگو ٿي ويو آهي، رڳو هڪ ڪم ڪيو ته اليڪشن جي ڏهاڙي ٻاهر ئي نه نڪرو سڀ مسئلا حل ٿي ويندا.

مرڪ منان چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وڌندڙ مهانگائي تي آخر ڪيسيتائين چُپ رهنداسين؟ اسان جا ماڻھو ايڏا بي حس ڇو آھن؟ انهن ۾ شعور ڇو نه آھي؟ پاڻ سان ٿيندڙ انياءَ تي ايڏي خاموشي ڇو؟ آخر ڪيسيتائين ايئن ماٺ ڪري پنهنجي ڦُر لُٽ ڪرائينداسين؟ آخر ڪيسيتائين پاڻ سان ٿيندڙ زيادتين تي ڪن لاٽار ڪنداسين؟ ڏھاڙي واري مزدور جي مزدوري اها ساڳئي پر حڪومت طرفان کاڌ خوراڪ کان ويندي پيٽرول ۽ سفر تائين مهانگائي جو پهاڙ اڃان وڌيڪ ڪرندو پيو وڃي. ڀلا 500 ڪمائيندڙ پورهيت ٻن وقتن جي ماني به ڪٿان کائيندو؟ مهانگائي جي چڪي ۾ ته پيسجي اهو پورهيت ئي ٿو نه!!! اسان جا ماڻھو مهانگائي، بُک، بد حالي، بي روزگاري کان تنگ ٿي يا ته پاڻ کي باھ ڏئي ساڙي رهيا آھن يا ته رڪشا هلائيندڙ پنهنجون سواريون باھ ۾ ساڙي رهيا آھن.  پر پنهنجو استحصال ٿيڻ تي متحد ٿي روڊن تي اچڻ لئه تيار نه آھن. هن حڪومت کان ڪو به پُڇڻ وارو ڪونهي؟ اسان سڀني کي گهرجي ته همت ڪري پاڻ سان ٿيندڙ ظلمن تي متحد ٿي هڪ سگهارو آواز اٿاريون. جنهن تي علي گل سنڌي لکيو ته اهي ڪيڏانهن گم ٿي ويا آهن جن مهانگائي خلاف مارچ ڪيا هئا. ماجد سنديلو لکيو ته 25 هزار پگهار وارو ماڻهو جيڪڏهن 7500 پيٽرول جا ڀريندو ته ٻچن کي ڇا کارائيندو، گاهه يا پٿر ..؟؟؟ جميل ٻرڙو لکيو ته هاڻي جيڪو ڪار جي ٽانڪي پيٽرول سان فل ڪرائي ڏيندو قسم سان ووٽ ان جو حق آهي.