کورواھ (ن پ ا) کورواھ- ميرپور بٺورو روڊ جو ڪم مڪمل نه ڪرائڻ خلاف جدوجھد ڪاميٽي پاران ڪالهه نائين ڏينھن به علامتي بک ھڙتال جاري رکي وئي. احتجاجي ڪئمپ تي ويٺل اڳواڻن دودو لاشاري، حاجي لاشاري، عباس علي شاهه ۽ ٻين دانهيندي چيو ته کورواھ- ميرپور بٺورو روڊ جو 7 ڪلوميٽر حصو 30 سالن کان رولڙي ۾ پيل آهي. ڄاڻايل روڊ ۾ کڏا پئجي چڪا آهن، جنهن ڪري ڪابه گاڏي ھلڻ لاءِ تيار نه آھي. هنن مطالبو ڪيو ته روڊ جي فوري طور مرمت ڪرائي علائقي واسين جو بنيادي مسئلو حل ڪيو وڃي.