ميهڙ (ن پ ا) يونائيٽيڊ يوٿ الائينس ميهڙ جي عهديدارن جو اجلاس زير صدارت الا ئينس جي سر پرست اعلي وڪيل ذوالفقار علي کوکر جي اڳواڻي ۾ ٿي گذريو جنهن يونائيٽيڊ يوٿ الائينس جي ٻين عهديدارن وڪيل شير علي چانڊيو، وڪيل محمد علي ڪانڌڙو سميت وڏي تعداد ۾ ميمبرن شرڪت ڪئي اجلاس ۾ شهر جي صورتحال ۽ ان جي مسئلن تي تفصيلي غور ويچار ڪري مسئلن کي حل ڪرڻ لاء جدوجهد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ،اجلاس بعد يونائيٽيڊ يوٿ الائينس جي سرپرست اعلي وڪيل ذوالفقار علي کوکر صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ميهڙ شھر جا شهري پيئڻ جي صاف مٺي پاڻي سان گڏ گندي پاڻي جي نيڪال واري بهتر ڊرينيج سسٽم کان ته محروم آهن پر شهر ۾ صفائي جو به ڪونظام ناهي شهر جي هرڪالوني جي روڊ ،گهٽي ۾ گند ڪچري جا ڍير پيل آهن روڊن تي ڊرينيج جو گندو پاڻي بيٺل آهي، ڪروڙين رپيا بجيٽ اچڻ باوجود ميهڙ شهر ۾ ڪوبه ترقياتي ڪم نه ٿيوآهي شهر جا روڊ ۽ گهٽيون اکڙيل تباه حال بڻيل آهن هن اعلان ڪيو ته اسان هتان جي چونڊيل نمائيندن ۽ ميونسپل اختيارين کي چتاء ٿا ڏيون ته 15ڏينهن جي اندر ميهڙ جي شهرين جا بنيادي مسئلا حل ڪري شهر ۾ ترقياتي ڪم ڪرائڻ سان گڏ صفائي جو نظام صاف سٿرو ڪيو وڃي ،شهرين کي پيئڻ لاء صاف مٺو پاڻي فراهم ڪري سندن مسئلا حل ڪيا وڃن ٻئي صورت ۾ شهرين جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ لاء يونائيٽيڊ الائينس پاران احتجاجي مظاهرو ۽ علامتي بک هڙتالن جو سلسلو شروع ڪري تحريڪ هلائي ويندي.